تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ چئن ورهين جي مزمل کي 5 ڊسمبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هائيڪورٽ چئن ورهين جي مزمل کي 5 ڊسمبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ چئن ورهين جي مزمل جي بازيابيءَ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

درخواست ڏيندڙ چيو ته 2021ع کان 4 ورهين جو مزمل گم آهي جنهن کي بازياب ڪرايو وڃي.

وڪيل چيو ته پوليس نينگر جي ڳولا لاءِ ڪابه مدد نٿي ڪري والدين پريشان آهن.

ٻڌڻي دوران عدالت پاران نينگر جي بازياب نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته 2021ع کان گم ٿيل نينگر اڃا تائين بازياب ناهي ٿي سگهيو، ڇو نه اوهان کي جيل اماڻيو وڃي؟.

جاچ آفيسر چيو ته هو دل جو مريض آهي نينگر جي ڳولا ڪري رهيا آهن، نينگر جي ڳولاءِ ست جي آءِ ٽي ۽ 10 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن.

عدالت چيو ته هي ظلم آهي، جي آءِ ٽي ڪا اجلاس ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو عمل به اجايو ثابت ٿي رهيو آهي، وڏن ماڻهن کي ته نٿا ڳولي سگهو پر نينگر کي به نٿا ڳولي سگهو.

عدالت چيو ته نينگر کي 5 ڊسمبر تائين بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي……

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.4 ° C
14.4 °
14.4 °
26 %
2.3kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون