سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز اشرف جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي لکت ۾ حڪم نامي موجب، اپيل ھر جوابدار جو حق آھي، ٽي سال 8مھينا گذرڻ باوجود اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ بدقسمتي آھي، عدالت جي وقتائتي قدم نھ کڻڻ جو نقصان ڪنھن بھ درخواستگذار کي نھ ٿيڻ گھرجي.
سپريم ڪورٽ چيو تھ چيمبر حڪمن جي باوجود اعتراضن خلاف اپيل مقرر نھ ٿي ۽ درخواستگذار فوت ٿي ويو، عدالت ۾ موجود ڪنھن ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ سينيئر وڪيلن اپيل مقرر ڪرڻ تي اعتراض نھ ڪيو، رجسٽرار اعتراضن خلاف پرويز مشرف جي اپيل منظور ڪئي وڃي ٿي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو تھ پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر جي موجب ھو سندس بيواھھ ۽ ٻارڙن سان رابطي ۾ آھي، وڪيل جو چوڻ ھو تھ ھو اڳوڻي صدر جي وارثن کان اپيل مقرر ٿيڻ تي ھدايتون وٺندو.
پرويز مشرف جي موت واري سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي 21 نومبر تي ٿيندي ….