- Advertisement -
ٽماٽا، پٽاٽا ۽ ڪڪڙ جي گوشت سميت کاڌي پيتي جو 20 شيون مھانگيون ٿي ويون.
شماريات کاتي ملڪ ۾ مھانگائي بابت ھفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ ۾ چيو ويو تھ ھڪ ھفتي ۾ ٽماٽر 15 ڏھائي 4 سيڪڙو ۽ پٽاٽا چار ڏھائي پنج سيڪڙو مھانگا ٿيا، ڪڻڪ جو اٽو 2 ڏھائي 4 سيڪڙو، لسڻ 2 ڏھائي ھڪ، لوڻ ھڪ ڏھائي 8 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ جو گوشت ھڪ ڏھائي ڇھھ سيڪڙو مھانگو ٿيو.
شماريات کاتي جي رپورٽ موجب گذريل ھفتي ڳڙ، گيھھ، چانور ۽ دالين جي قيمت ۾ معمولي لاٿ آئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو تھ ھڪ ھفتي ۾ 20 شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ 8 شين جي قيمتن ۾ لاٿ ٿي، جڏھن تھ 23 شين جا اگھھ برقرار رھي…- Advertisement -
