- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ طرفان هندو برادري کي ڏياريءَ جون واڌايون، سندس چوڻ آهي ته ڏياري جو ڏڻ روشني ۽ خوشيءَ جي علامت آهي، پيپلز پارٽي مذهبي ڀائيچاري ۽ ٻڌي تي يقين رکي ٿي.
ڏياري جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري هندو برادري کي ڏياريءَ جون واڌايون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ڏياري جو ڏڻ روشني ۽ خوشيءَ جي علامت آهي، پيپلز پارٽي مذهبي ڀائيچاري ۽ ٻڌي تي يقين رکي ٿي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئين ۾ اقليتن کي هڪ جهڙا حق ڏنا ويا آهن، اچو ته وچن ڪريون ته خوشحالي ۽ برابري جا ڏيئا ٻاري پنهنجي وطن کي دنيا ۾ روشنين جو مرڪز بڻائيندا- Advertisement -
