فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊ جي ترجمان ابو عبيده چيو آهي ته 48 ڪلاڪن ۾ اسرائيلي فوج جون 25 کان وڌيڪ گاڏيون مڪمل طور تي تباهه ڪيون ويون، دشمن هڪ ڏينهن يا هڪ ڪلاڪ به سـُک جو ساهه نه کڻندو، کيس پنهنجي جارحيت جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
پنهنجي آڊيو بيان ۾ ابو عبيده چيو ته غزه ۾ 160 کان وڌيڪ اسرائيلي فوجي هدفن کي مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ڪيو ويو ۽ گذريل 48 ڪلاڪن ۾ دشمن فوج جون 25 کان وڌيڪ گاڏيون مڪمل طور تي تباهه ڪيون ويون آهن.
هن چيو ته حماس جي ويڙهه خطي جي طاقتور فوج کي خوفزده ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اسرائيلي فوج کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
القسام بريگيڊز جي ترجمان ابو عبيده چيو ته سندن ويڙهاڪ زمين جي اندر، زمين تي ۽ ملبي هيٺان حملا ڪري دشمن کي سپرائيز ڏئي رهيا آهن، مجاهد دشمن جون ٽينڪس ۽ بلڊوزرن کي تباهه ڪري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته دشمن هڪ ڏينهن يا هڪ ڪلاڪ به سـُک جو ساهه نه کڻندو، يهودي فوج کي پنهنجي جارحيت جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي…