سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻھن کي بازياب نه ڪرائڻ جي ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي ايس پي گلشن اقبال جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ 2017 کان گم ٿيل 9 وڌيڪ ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي
پوليس پاران گم ٿيل ماڻھن کي بازياب نه ڪرائڻ تي عدالت صوبائي حڪومت تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو.
جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ چيو ته هڪ طرف پوليس ۽ صوبائي حڪومت چوي ٿي ته وٽن ماڻهو ناهن، جيڪڏهن گم ٿيل شهري صوبائي حڪومت وٽ نه آهن ته پوءِ ڪيڏانهن ويا؟ گم ٿيل شهري آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڪٿي به آهن ته کين ڳولي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
عدالت چيو ته انهن جي آءِ ٽيز جي اجلاسن جو ڇا فائدو آھي ماڻھو ڳولي نه ٿا سگھن ؟
عدالت ايندڙ ٻڌڻي جي آءِ ٽي سربراهه کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو
جسٽس عدنان ڪريم چيو ته بس گھڻو ٿي ويو، گم ٿيل شهرين کي عدالت ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ آءِ جي سنڌ جي سربراهه ذاتي کي حثيت ۾ طلب ڪيو ويندو.
گم ٿيل شهري اظهر عباس ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايس پي گلشن اقبال جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
عدالت ايس ايس پي اوڀر کي ايس پي گلشن کي گرفتار ڪري 25 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سنڌ هائيڪورٽ پيش نه ٿيڻ تي جاچ آفيسر ايس پي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.