ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ خلاف ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ خلاف ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
اڳوڻو وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ عدالت ۾ پيش ٿيو.
نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ خلاف ڪيس ٻيهر کوليو ويو آهي.
نيب موجب حفيظ شيخ بن قاسم ۽ ٻين بندرگاهن لاءِ سافٽ ويئر تيار ڪرڻ ۾ ڪرپشن ذريعي قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو.
عدالت ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.