تازه ترين

پيپلزپارٽيءَ خلاف ماضيءَ ۾ به اتحاد ٺهيا، پر انهن جي ڪا به پرواهه ناهي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽيءَ خلاف ماضيءَ ۾ به اتحاد ٺهيا، پر انهن جي ڪا به پرواهه ناهي، عام چونڊن ۾ پ پ ڪراچيءَ کان ڪي پي تائين ڪاميابي حاصل ڪندي.

جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته مٺي ۾ ڪامياب جلسي تي ٿر جي عوام جا ٿورا مڃيا.

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ جي شاندار آجيان ڪري ٿر جي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

اڳوڻي صدر چيو ته عوام  شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي ناهي وساريو،  ڪجهه ماڻهو اقتدار لاءِ اتحادي ٺاهيندا آهن پر سندن لاءِ عوام ئي ڪافي آهي.

آصف علي زرداري چيو ته پ پ خلاف ماضيءَ ۾ به اتحاد ٺهيا، پر ان جي ڪا به پرواهه ناهي، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو فلسفو آهي ته عوام جي قدمن ۾ سياسي جنت آهي.

اڳوڻي صدر چيو ته عام چونڊن ۾ پ پ ڪراچيءَ کان ڪي پي تائين ڪاميابي حاصل ڪندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
15.8 ° C
15.8 °
15.8 °
12 %
2.1kmh
4 %
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون