تازه ترين

القسام برگيڊز 5ڏينھن جنگ بندي جي بدلي يرغمال بڻايل عورتن ۽ ٻارڙن کي آزاد ڪرڻ تي راضي

القسام برگيڊز 5ڏينھن جنگ بندي جي بدلي يرغمال بڻايل عورتن ۽ ٻارڙن کي آزاد ڪرڻ تي راضي ٿي وئي

والاريل فلسطين جي مزاحمتي تحريڪ حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊز اسرائيل سان پنجن ڏينھن جي جنگبنديءَ جي بدلي ۾ 70 يرغمال عورتن ۽ ٻارڙن جي آزادي تي راضپو ظاھر ڪيو آھي .

عرب ميڊيا موجب القسام برگيڊز جي ترجمان ابوعبيدھ آڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو.

آڊيو پيغام موجب القسام برگيڊز جي ترجمان چيو تھ قطري ٽرياڪڙين کي ٻڌايو تھ ھو اسرائيل سان پنج ڏينھن جي جنگ بندي جي بدلي ۾ قيد 70 عورتن ۽ ٻارڙن کي آزاد ڪرڻ جي لاءِ تيار آھن .

ابوعبيدھ جو چوڻ ھو تھ قطري ٽياڪڙي ڪندڙن کي ٻڌايو تھ پنج ڏينھن جي دوران مڪمل جنگ بندي ۽ ھر انساني امداد جي اجازت ھجڻ گھرجي.

ان کان اڳ گذريل ڏينھن القسام برگيڊز جي ترجمان ابوعبيدھ جو چوڻ ھو تھ سندن جنگجو زمين ھيٺان حملا ڪري دشمن کي سرپرائيز ڏئي رھيا آھن، سندن جنگجو دشمن جي ٽينڪن ۽ بلڊوزرن کي تباھھ ڪري رھيا آھن، اسرائيلي فوج رڳو ھڪ ئي مقصد حاصل ڪيو ۽ اھو قتل عام ۽ ظلم آھي.

ھن وڌيڪ چيو تھ دشمن کي ھڪ ڏينھن يا ھڪ ڪلاڪ بھ سڪون نھ ملندو، دشمن پنھنجي جارحيت جي قيمت چڪائيندو.

غزھ ۾ 38ھين ڏينھن بھ اسرائيلي جھازن جي بمباري جار آھي، 7آڪٽوبر کان ھن وقت تائين شھيد فلسطينين جو انگ 11 ھزار 240 کان وڌي ويو آھي ….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
42 %
2.3kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون