اسرائيلي فوج غزه ۾ حماس جي زير انتظام پارليامينٽ۽ ٻين سرڪاري ادارن تي قبضي جي دعوى

- Advertisement -
اسرائيلي فوج غزه ۾ حماس جي زير انتظام پارليامينٽ  ۽ ٻين سرڪاري ادارن تي قبضي جي دعوى ڪئي آهي. اسرائيلي فوج طرفان والاريل فلسطين ۾ ٽئين وڏي پناهگير ڪيمپ الشاطئي تي به قبضي جي دعوى ڪئي وئي جڏهن ته حماس يهودي فوج جي دعوى رد ڪري ڇڏي. حماس جو چوڻ آهي ته خالي ۽ اڳ کان ئي تباهه ڪيل عمارتن تي خيالي قبضي جي اسرائيلي دعوى فتح ظاهر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس هڪ ڀيرو ٻيهر انسانيت جي نالي تي فوري جنگ بندي جي اپيل ڪئي آهي جڏهن ته حماس طرفان 5 ڏينهن جي جنگ بندي جي بدلي 70 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي آڇ به ڪئي وئي آهي. هوڏانهن امريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي غزه جي الشفا اسپتال کي بچائڻو پوندو، ان معاملي تي اسرائيلي عملدارن سان رابطو آهي. امريڪي صدر جوبائيڊن طرفان يرغمالين جي جلد بازيابي جي به اميد ظاهر ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي حماس سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ گروهن تي امريڪا ۽ برطانيا تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
34%
3.4m/s
1%
خميس
21 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون