تازه ترين

راڻيپور پوليس جي مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيل نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو

راڻيپور پوليس جي مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو آهي، وارثن طرفان  احتجاجي مظاهرو ڪري لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

نوجوان جي وارثن طرفان  عرفان بروهي، شبير، غلام حيدر، رحيم بخش بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي مظاهرو ڪري لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

وارثن جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ احسان بروهي، ناري مسڪان شيخ سان پسند جي شادي ڪئي هئي.

هنن چيو ته  پوليس عيوضي ۾ شاهمراد بروهي کي گرفتار ڪري مٿس  تشدد ڪري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ ڦٽو ڪري وئي هئي، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو آهي.

وارثن نگران وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
19 %
1.3kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون