تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڙي جلباڻي واقعي ۾ پيش ڪيل ايس ايس پي جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهري ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڙي جلباڻي واقعي ۾ پيش ڪيل ايس ايس پي جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهري ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  ماڙي جلباڻي ۾ پوليس مقابلي دوران 4 ڳوٺاڻا قتل ۽ 12 زخمي ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ايس ايس پي بينظيرآباد عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي طرفان پيش ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 28 سيپٽمبر تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران  دهشتگرد ۽ بارودي مواد جي موجودگي واري اطلاع تي ڳوٺ ماڙي جلباڻي تي چڙهائي ڪئي. وڪيل چيو ڪارروائي دوران چار ڳوٺاڻا شهيد ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. درخواستگذار عدالت کي درخواست ڪئي ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته چالان ۾ جوابدارن کي  اڻڄاتل ڇو ظاهر ڪيو ويو آهي؟، جڏهن ته اوهان پاڻ چئي رهيا آهيو ته پوليس شڪي ماڻهن جي ڳولا لاءِ وئي هئي، جيڪڏهن پوليس مقابلو ٿيو آهي ته پوءِ جوابدار اڻڄاتل ڇو آهن؟. عدالت ڊي آءِ جي کي سمورن وارثن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون