تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڙي جلباڻي واقعي ۾ پيش ڪيل ايس ايس پي جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهري ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڙي جلباڻي واقعي ۾ پيش ڪيل ايس ايس پي جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهري ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  ماڙي جلباڻي ۾ پوليس مقابلي دوران 4 ڳوٺاڻا قتل ۽ 12 زخمي ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ايس ايس پي بينظيرآباد عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي طرفان پيش ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 28 سيپٽمبر تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران  دهشتگرد ۽ بارودي مواد جي موجودگي واري اطلاع تي ڳوٺ ماڙي جلباڻي تي چڙهائي ڪئي.

وڪيل چيو ڪارروائي دوران چار ڳوٺاڻا شهيد ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

درخواستگذار عدالت کي درخواست ڪئي ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته چالان ۾ جوابدارن کي  اڻڄاتل ڇو ظاهر ڪيو ويو آهي؟، جڏهن ته اوهان پاڻ چئي رهيا آهيو ته پوليس شڪي ماڻهن جي ڳولا لاءِ وئي هئي، جيڪڏهن پوليس مقابلو ٿيو آهي ته پوءِ جوابدار اڻڄاتل ڇو آهن؟.

عدالت ڊي آءِ جي کي سمورن وارثن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.5 ° C
13.5 °
13.5 °
37 %
1.5kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون