پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان غزا ۾ جاري اسرائيلي بربريت مذمت ڪندي چيو آھي تھ اسرائيل گذريل ڇھن ھفتن ۾ ھر روز ظلم جو نئون مثال قائم ڪري رھيو آھي.
جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو تھ اسرائيلي فوج غزا ۾ رھائشي علائقن، اسڪولن، مسجدن، چرچن ۽ اسپتالن تي حملا ڪري ھٿين خالي ماڻھن کي شھيد ڪري رھي آھي.
سندس چوڻ ھو تھ غزا ۾ پاڻي جي بندش بعد اناج جي گودام کي بھ بمباري سان تباھھ ڪيو ويو آھي.
پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو تھ اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ 12 ھزار کان وڌيڪ شھيد فلسطينين ۾ 5 ھزار ٻارڙا ۽ 3 ھزار کان وڌيڪ عورتون شامل آھن، ڇا ان کان وڌيڪ انسانيت ۽ انساني قانون جي تذليل ٿي سگھي ٿي؟.
ھن چيو تھ ڇا مريضن ۽ تازن ڄاول ٻارن جون اسپتال اندر اجتماعي قبرون بھ عالمي دنيا جي انسانيت کي جاڳائڻ لاءِ ڪافي ناھن؟.
پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو تھ اسرائيل جي دھشتگردي انسانيت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آھن، انساني تاريخ ۾ اسرائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ ان کي روڪڻ ۾ عالمي ادارن توڙي دنيا جي افسوسناڪ ڪردار کي ڪارن اکرن ۾ لکيو ويندو.