تازه ترين

مسلم ليگ ن سادي اڪثريت سان اڪيلي حڪومت ٺاهيندي، سموريون سياسي پارٽيون عام چونڊن ۾ حصو وٺنديون: راڻا ثناءَ الله

مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو آھي تھ مسلم ليگ ن سادي اڪثريت سان اڪيلي حڪومت ٺاهيندي، سموريون سياسي پارٽيون عام چونڊن ۾ حصو وٺنديون، فيصلو عوام ڪندو، مسلم ليگ ن وٽ هر تڪ ۾ مضبوط اميدوار آهن، نواز شريف هر دور ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏياريو آهي، کين اميد آهي ته نواز شريف قوم کي مايوس نه ڪندو.

لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو تھ مھانگائي کي ڪنٽرول نھ ڪيو ويو تھ 24 ڪروڙ عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو، ھو ملڪ کي مھانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍندا ۽ نواز شريف ڪوڙن ڪيسن مان سوڀارو ٿيندو.

سندس چوڻ ھو تھ مسلم ليگ ن وٽ هر تڪ تي ھڪ کان وڌيڪ مضبوط اميدوار آهن ايندڙ ھفتي پارلياماني بورڊز جي گڏجاڻين جي شروعات ڪئي ويندي.

مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو تھ نواز شريف پنجاب جي ھر ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرن ۾ جلسا ڪندو، صوبي ۾ ڀرپور اندار ۾ پارٽي مھم ھلائيندي، شيڊول جاري ٿيندي ئي چونڊ مھم شروع ڪئي ويندي.

ھن چيو تھ نواز شريف هر دور ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏياريو آهي، کين اميد آهي ته نواز شريف قوم کي مايوس نه ڪندو.

مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو تھ مسلم ليگ ن سادي اڪثريت سان اڪيلي حڪومت ٺاهيندي، سموريون سياسي پارٽيون عام چونڊن ۾ حصو وٺنديون، فيصلو عوام ڪندو، بلوچستان ملڪ جو اھم حصو آھي گڏ کڻي ھلندا.

سندس چوڻ ھو تھ 2018ع ۾ جيڪو مسلم ليگ نون سان ٿيو اھو ھاڻي نھ پيو ٿئي تھ ڏکيو لڳي ٿو، ملڪ کي تجربيڪار قيادت ئي ھلائي سگھي ٿي.

مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو تھ وقت جي ضرورت آھي تھ تجربيڪار قيادت اڳيان اچي، اميد آھي تھ نواز شريف تي عوام اعتماد ڪندو، نواز شريف کي سليڪٽڊ چوڻ ۾ ڪا سچائي ناھي، ليول پليئنگ فيلڊ بابت واويلا اجائي آھي، تنقيد ذاتيات تي نھ سياسي انداز ۾ ڪئي وڃي……………….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون