تازه ترين

اسرائيلي فوج الشفاءَ اسپتال فوري طور خالي ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي فوري طور  ادارو ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسرائيلي فوج الشفاءَ اسپتال فوري طور خالي ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي فوري طور  ادارو ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪميونيڪشن بليڪ آئوٽ سبب گڏيل قومن امدادي سرگرميون روڪي ڇڏيون، جڏھن تھ خان يونس تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 26 ماڻهو شهيد ٿي ويا جنھن بعد اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 12 هزار کان وڌي ويو.

غزا جي الشفا اسپتال تي اسرائيلي قبضي سبب طبي سھولتون نھ ھئڻ سبب آءِ سي يو وارڊ ۾ سمورا مريض شھيد ٿي ويا.

اسرائيل پاران الشفا اسپتال جو گھيراءَ جاري آھي جنھن سبب سوين ماڻھن ۽ مريضن جون سھولتن جي کوٽ سبب جانيون خطري ۾ آھن.

غزا ۾ مڪمل ڪميونيڪشن بليڪ آئوٽ سبب گڏيل قومن بھ خوراڪ جي پھچ سميت پنھنجون ٻيون امدادي سرگرميون روڪي ڇڏيون.

يو اين آر ڊبليو اي جي ترجمان جوليٽ ٽوما جو چوڻ آھي تھ ڪميونيڪيشن بليڪ آئوٽ سبب رابطا ڪٽجي وڃڻ سان غزا لاءِ خوراڪ سميت ٻين امدادي سرگرمين کي بند ڪيو ويو آھي.

اسرائيلي فوج غزا جي الشفا اسپتال فوري طور خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسرائيلي فوج جو چوڻ آھي تھ ڊاڪٽر، مريض ۽ بي گھر ماڻھو ھڪ ڪلاڪ ۾ اسپتال مان نڪري ڏکڻ طرف ھليا وڃن.

الشفا اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب، اسپتال ھڪ ڪلاڪ اندر خالي ڪرڻ ممڪن ناھي، زخمين ۽ ٻارن کي ڪڍڻ لاءِ ايمبولينسز بھ موجود ناھن.

ھاڻي الشفا اسپتال جي ڊائريڪٽر موجب، الشفا اسپتال ۾ آءِ سي يو ۾ ڪوبھ مريض زندھ ناھي رھيو، الشفا رات گھٽ ۾ گھٽ 22 فلسطيني ۽ ٽن ڏينھن ۾ 55 ماڻھو شھيد ٿي چڪا آھن.

ان کان اڳ انتظاميا چيو تھ الشفا اسپتال ۾ ھر منٽ ۾ ھڪ فلسطيني شھيد ٿي رھيو آھي، تازا ڄاول ٻار، کير پياڪ ٻارڙا، پيرسن ۽ مريض موت جي ويجھو آھن ۽ اسرائيلي قبضي سبب الشفا اسپتال زندھ ماڻھن لاءِ قبرستان بڻجي چڪي آھي.

انتظاميا موجب، دنيا جي اکين آڏو بيگناھھ ماڻھو ۽ ٻارڙا شھيد ٿيڻ لاءِ ڇڏڻ جنگي ڏوھھ کان گھٽ ناھي، اسرائيل تازن ڄاول ٻارڙن کي انڪيوبيٽر فراھم ڪيو پر بجلي کانسواءِ اھي تابوت کان گھٽ ناھن.

الشفا اسپتال ۾ ست ھزار ماڻھو يرغمال آھن جن ۾ مريض، عملو ۽ پناھھ وٺندڙ فلسطيني شامل آھن، يرغمال ٿيل فلسطينين وٽ پاڻي، ۽ بجلي سميت ضرورت جي ڪابھ شئي ناھي.

غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ شھيد فلسطينين جو انگ 12 ھزار کان وڌي ويو آھي جڏھن تھ 30 ھزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آھن.

پرڏيھي ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي حملن ۾ 5 ھزار ٻارڙا ۽ 33 سئو عورتون شھيد ٿي ويون آھن جڏھن تھ 18 سئو ٻارڙن مسيت 4 ھزار فلسطيني گم ۽ عمارتن جي ڍيرن ھيٺيان دٻيل ھئڻ جو خدشو آھي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
8.6 ° C
8.6 °
8.6 °
18 %
2.6kmh
100 %
ڇنڇر
8 °
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °

تازه ترين خبرون