تازه ترين

هڪ پارٽي مهانگائي ليگ بڻجي وئي آهي، جنھن کي گورننس بهتر ڪرڻ جي ڪابه ڄاڻ ناهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوڙهن سياستدانن کي هاڻي گهر ۾ ويهي الله الله ڪرڻ گهرجي، 70 ورهين جي پيرسن بدران ڪنهن نوجوان کي موقعو ڏنو وڃي، مڙھيل شخص صرف يوٽرن وٺڻ سيکاريو، ھن وقت ڪو سياسي مخالف ناھي، صرف مھانگائي ۽ غربت مخالف آھي.

پشاور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ  هڪ پارٽي مهانگائي ليگ بڻجي وئي آهي، جنھن کي گورننس بهتر ڪرڻ جي ڪابه ڄاڻ ناهي.

ھن چيو تھ کيس 16 مهينن جي ڪارڪردگي تي فخر آهي پر مخالف شرمسار آهن،  عوامي مسئلا تڏهن ئي حل ٿيندا جڏهن ته جيالو وزيراعظم ۽ وڏو وزير هوندو.

سندس چوڻ ھو تھ مخالف نه ووٽ کي عزت ڏين ٿا ۽ نه وري کين عوامي خدمت ڪرڻ جي خبر آهي، يوٽرن وٺندڙ ليڊر نه پر بزدل هوندا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ قائد عوام اٽي، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھنيو، جنھن تي ھنن عمل ڪري ڏيکاريو، پيپلزپارٽي جو ھن وقت ڪير بھ سياسي مخالف ناھي، سندس مخالفت رڳو مھانگائي ۽ غربت آھي، کين موقعو عوام جي خدمت جو موقعو ملي ھو عوام کي مھانگائي جي سونامي کان بچائيندا، باقي سياسي پارٽين جو اصل چھرو عوام اڳيان اچي چڪو آھي.

ھن چيو تھ اھي نھ ووٽ کي عزت نھ ئي گورننس ڪرڻ ڄاڻين ٿا اھي صرف مھانگائي ليگ بڻجي چڪا آھن، ھاڻي جيالن ذميواري سنڀالي آھي، پ پ وٽ سمورن مسئلن جو حل موجود آھي، پيپلزپارٽي جي تاريخ آھي تھ ھر دور ۾ غريب کي روزگار ڏنو، ھي 16 مھينن جي حڪومت جي ڳالھھ ڪن ٿا ھو پنھنجي 16 مھينن جي ڪارڪردگي تي فخر ڪري ٿو ۽ اليڪشن وڙھڻ لاءِ تيار آھي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ 16 مھينن جي حڪومت ۾ تاريخي ٻوڏ کي منھن ڏنو، ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺاھي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو، ڪجھھ مھينن بعد 20 لک گھر ٺاھڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، وقت گھٽ ھو پر 16 مھينن جي حڪومت ۾ ڏينھن رات محنت ڪئي، ھو فخر سان چوي سگھي ٿو تھ پرڏيھي وزير طور نوجوانن جي نمائندگي ڪئي، ملڪ جا سمورا مسئلا پرڏيھي وزير حل نٿو ڪري سگھي.

پ پ چيئرمين چيو تھ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ھاڻي جيالو وزيراعظم بڻائڻو پوندو، جڏھن جيالو وزيراعظم، وزيرعليٰ ھوندو پوءِ سھڻي نموني سان خدمت ڪري سگھندو، پيپلزپارٽي جي حڪومت پٺتي پيل طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي.

ھن چيو تھ پيپلزپارٽي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جھڙو انقلابي پروگرام کڻي آئي، ھو اڳتي وڃي بي آءِ ايس پي ۾ اضافو ڪندا، ھو ننڍي ھارين لاءِ ڪسان ڪارڊ آڻيندا، سنڌ ۾ بينظير مزدور ڪارڊ شروع ڪيو ويندو، جنھن تحت مزدورن کي صحت ۽ تعليم جي سھولت فراھم ڪئي ويندي.

سندس چوڻ ھو تھ  ھيلٿ ڪارڊ ذريعي حڪومت جي اسپتالن تي ڌاڙو ھڻي خانگي اسپتالن کي فائدو پھچايو ويو، پ پ جي منشور جو ڪا سياسي پارٽي مقابلو نٿي ڪري سگھي، پ پ لاءِ ڪڏھن بھ ليول پليئنگ فيلڊ نھ رھي، مشرف جي دور جي ڌانڌلي باوجود پ پ اڪثريت حاصل ڪئي، 2008 ۾ ڪھڙي ليول پليئنگ فيلڊ ھئي،؟ جيڪڏھن اڄ بھ ڪير سمجھي ٿو تھ ھو زبردستي ڪنھن کي وزيراعظم بڻائي سگھن ٿا تھ اھا انھن جي غلط فھمي آھي، جيالا مقابلي لاءِ تيار آھن، ھو تير جي نشان تي چونڊ وڙھندا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ عوام پراڻي سياست مان بيزار ٿي چڪو آھي، ھي سندس نھ پر 70 سيڪڙو نوجوانن جو مطالبو آھي تھ 70 ورھين جي سياستدان گھر ويھي اللھ اللھ ڪري ملڪ لاءِ دعا گھري.

ھن چيو تھ ڪنھن کي ٻيو يا وري ڇوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائڻ بدران نوجوان نسل لاءِ رستو ٺاھڻ گھرجي، ماضي جي نفرت ۽ فرق واري سياست کي دفن ڪري پوري ملڪ جي عوام جي خدمت ڪئي ويندي.

سندس چوڻ ھو تھ  ھو ڪنھن اتحاد ڏانھن نھ ويندا صرف تير جي حڪومت ٺاھي ويندي، اقتدار ۾ اچي پنھنجي امڙ ۽ ناني جي اڻپوري مشن کي پورو ڪرڻ سندس خواھش آھي، عوام جيئن ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو ساٿ ڏنو اھڙو ئي ساٿ سندس ڏنو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون