- Advertisement -
ڪراچي ۾ جوابدار پنهنجي ڀاڄائي سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن تھ پوليس جوابدار علي خان کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتو.
منگھوپير واري علائقي ۾ جوابدار علي خان پنھنجي ڀاڄائي شھزادي ۽ سندس دوست نواب خان کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پھچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٻڌايو پيو وڃي تھ مارجي ويل عورت ۽ نوجوان ٻئي پاڙيسيري ھئا شھزادي جو مڙس ڪجھھ عرصو اڳ لاڏاڻو ڪري ويو ھو کيس ٽي ٻارڙا آھن ۽ نواب خان غير شادي شدھ ھو.
پوليس جوابدار علي خان کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻٽي قتل جو واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
