ٿرڪول بلاڪ ٽو مان خانگي ڪمپني جو سامان کڻي ويندڙ ٻن ٽرالرن کي چالان ڪندڙ ايس ايڇ او مٺي کي سسپنڊ ڪيو ويو.
گذريل رات مٺي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٿرڪول بلاڪ ٽو جي اَي اِي وي ايل ايس ڪمپني مان سامان کڻي ويندڙ ٻن ٽرالن کي چوريءَ جو سامان ڄاڻائي قلم 550 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو هو.
داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ڄاڻايل ٽرالر ڊرائيور ميانوالي واسي پرويز خان ۽ ظفر اقبال خان غيرقانوني طور سامان کڻي وڃي رھيا هئا جن وٽ ڪي بي دستاويز نه هئا.
ٻئي پاسي پوليس ذريعن موجب ٿرڪول جي اَي اِي وي ايل ايس ڪمپني جي انتظاميه ايس ايڇ او خلاف ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي شڪايت ڪئي جنهن نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او مٺي نياز احمد کوسي کي سسپينڊ ڪري ميرپورخاص لائن حاضر ڪري ڇڏيو آهي.
وڪيل ظهير الدين نهڙي ٻڌايو ته ٿرڪول ۾ اَي اِي وي ايل ايس ڪمپنيءَ ڪم ختم ٿيڻ تي پنھنجو ضروري سامان لاھور کڻي وڃي رهي هئي ته ايس ايڇ او بنا جواز رشوت نه ڏيڻ تي 550 تحت ڪارروائي ڪئي.