پراڻا سياستدان سياسي مخالفت کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪري چڪا آهن: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ پراڻا سياستدان سياسي مخالفت کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪري چڪا آهن، پنجاب جا سياستدان نه کيڏندا ۽ نه وري کيڏڻ ڏيندا جي ڳالهه پيا ڪن، خبر ناهي تي پيرسن سياستدان جا ڪهڙا ارادا آهن، عوام پي ٽي آءِ جو حقيقي روپ ڏسي چڪو آهي، تباهي کانسواءِ ڪجهه نه مليو، عوام مهانگائي ليگ کي به ڏسي ڇڏيو آهي، شينهن ته ٻلي نڪتو، کيس هڪ موقعو ڏنو وڃي، ڪي پي ۽ ملڪ جي عوام جي قسمت تبديل ڪري ڇڏيندو، ذاتي دشمني کي پاسي تي رکي ملڪ کي درست رخ تي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو. اپر دير ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست بند ٿيڻ گهرجي، ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي کي روڪڻ ضروري آهي. ھن چيو تھ سياستدان ارڙهين ترميم تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عام چونڊن ۾ نه کين ڪاميابي نه ملندي ۽ نه ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ٿيندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ پراڻا سياستدان سياسي مخالفت کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪري چڪا آهن، پنجاب جا سياستدان نه کيڏندا ۽ نه وري کيڏڻ ڏيندا جي ڳالهه پيا ڪن، خبر ناهي تي پيرسن سياستدان جا ڪهڙا ارادا آهن. پ پ چيئرمين چيو تھ عوام پي ٽي آءِ جو حقيقي روپ ڏسي چڪو آهي، تباهي کانسواءِ ڪجهه نه مليو، عوام مهانگائي ليگ کي به ڏسي ڇڏيو آهي، شينهن ته ٻلي نڪتو، کيس هڪ موقعو ڏنو وڃي، ڪي پي ۽ ملڪ جي عوام جي قسمت تبديل ڪري ڇڏيندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو مقصد ھڪ آھي، ن ليگ اقتدار ۾ اچي پنھنجو ذاتي حساب وٺڻ چاھي ٿي، خبر ناھي ن ليگ ڪنھن ڪنھن کان حساب وٺندي. پ پ چيئرمين چيو تھ ڪجھھ ماڻھو چئي رھيا آھن تھ فيبروري ۾ برفباري ٿيندي، اليڪشن اڳتي وڌائي وڃي، چونڊون گرمي ۾ ٿين يا سياري ۾ جيالا ھر وقت تيار آھن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
22%
6.2m/s
100%
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون