- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ جوابدار فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ۾جوابدار فياض شاهه جي وڪيل قربان ملاڻو ۽ فريادي ڌر جو وڪيل نثار احمد ڀنڀرو، پراسيڪيوٽر آفتاب احمد شر ۽ ٻيا واسطيدار پيش ٿيا.
عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ اڄ ئي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي.- Advertisement -
