بلوچ جبري گمشدگي ڪميشن جي سفارشن تي عمل بابت ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابي لاءِ جوڙيل وزيرن جي ڪميٽي جي رپورٽ رد ڪندي شاگردن جي بازياب نھ ٿيڻ تي نگران وزيراعظم کي 29 نومبر تي طلب ڪري ورتو. اسلام آباد ھائيڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني بلوچ جبري گمشدگي ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قائم ڪيل وزيرن جي ڪميٽي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي. عدالت نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته گهرو وزير، بچاءَ واري وزير، گھرو ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري کي طلب ڪيو ويندو ۽ انساني حقن واري وزير کي به طلب ڪيو ويندو، اهو ڪم ايگزيڪيوٽو جو هو پر عدالت ڪري رهي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڇا ھو اهو معاملو گڏيل قومن ڏانهن موڪلن؟، ڇا پنھنجي ملڪ جي بي عزتي ڪرائن؟. ايڊيشنل اٽارني جنرل نگران وزيراعظم ۽ وزيرن کي طلب نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ان ۾ اھڙي ڪا به ڳالهه ناهي، هر شيءِ کي مذاق بڻايو پيو وڃي، ان کان وڌيڪ ڇا توھين ٿيندي ھن ملڪ جي ماڻھن سان جيڪي ماڻهو گم ٿي رهيا آهن. عدالت چيو ته بچاءَ واري وزارت مان ڪير آهي؟، جنهن تي بچاءَ واري وزارت جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت چيو ته بچاءَ واري وزير کي چئو ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿئي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو تھ ھو اپيل ڪن ٿا تتھ وزيرن کي نھ گھرايو وڃي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ھو اسلام آباد ۾ ويھي بلوچستان جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، ھو 7 ڏينهن جو وقت ڏئي رهيو آهيان، عمل ڪيو وڃي، بلوچ شاگرد ڪميشن جي سفارشن موجب 55 گم ٿيل بلوچ شاگردن کي پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ نگران وزيراعظم پيش ٿئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
53%
2.7m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون