- Advertisement -
اسلام آباد جي خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاھھ محمود قريشي کي 28 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاھھ محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران شاھھ محمود قريشي جو وڪيل علي بخاري ۽ خالد يوسف عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو تھ اسلام آباد ھائيڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي ڪٿي آھي؟، جنھن تي عدالتي عملي سائفر ڪيس بابت اسلام آباد ھائيڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي جج کي فراھم ڪئي.
ٻڌڻي دوران جج ابوالحسنات ذوالقرنين وڪيل علي بخاري کي چيو تھ بخاري صاحب اوھان لاءِ تھ وڏي ڪاميابي ٿي آھي جنھن تي وڪيل علي بخاري چيو تھ ھو پھرين ڏينھن کان اھو ئي چئي رھيا ھئا.
عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاھھ محمود قريشي کي 28 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.- Advertisement -
