- Advertisement -
اسرائيل غزا ۾ جنگبندي تي عمل سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي جنھن بعد جنگ ۾ وقفو ۽ يرغمالين جي آزادي سڀاڻي شروع ٿيندي.
اسرائيلي اخبار جو چوڻ آھي تھ حماس طرفان اڃا تائين قيدين جي لسٽ فراھم ناھي ڪئي وئي جن کي آزاد ڪيو ويندو جڏھن تھ قيدين جي آزادي جي قطعي معاھدو ٿيڻ تائين سيز فائر نھ ٿيندو.
اسرائيل جي قومي سلامتي جي صلاحڪار چيو تھ سيز فائر تي عمل طئھ ٿيل منصوبي تحت اڳتي وڌندو يرغمالين جو پھريون ٽولو جمعي تي آزاد ڪيو ويندو جڏھن تھ جمعي ڏينھن کان اڳ ڪنھن قيدي کي نھ ڇڏيو ويندو.
اسرائيل جي قومي سلامتي جي صلاحڪار چيو تھ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ قيدين جي آزادي جي شروعات اصل معاھدي موجب ٿيندي.
خابرو اداري موجب، جمعي ڏينھن تائين اسرائيل طرفان حملو جاري رھندو.
غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو.
غزا جنگبندي معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ 10 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت تائين به يهودي فوج کي معصوم فلسطينين تي رحم نه آيو ۽ پنهنجي بمباري جاري رکي جنهن ۾ غزا جي مختلف علائقن ۾ بمباري سبب وڌيڪ 100 فلسطيني شهيد ۽ 22 زخمي ٿي پيا.
جباليا ۾ اسرائيلي جارحيت ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 52 ماڻهو شهيد ٿي ويام اسرائيلي فوج طرفان زخمي عورتن ۽ ٻارن کي کڻي ويندڙ ايمبولينس تي به ميزائلن سان حملا ڪيا.
خان يونس جي عمارت تي به اسرائيلي فوج بم وسايا جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 10 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا، خان يونس ۾ اسرائيلي جارحيت سبب شهيد ٿيل 111 فلسطينين کي اجتماعي قبر ۾ دفنايو ويو.
اسرائيلي فوج جي الشفا اسپتال کي تباه ڪرڻ بعد اسرائيلي فوج غزه ۾ انڊونيشن اسپتال به خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
هن وقت تائين اسرائيلي بمباري 15 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 33 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
حزب الله جو چوڻ آهي ته هو اسرائيل حماس معاهدي و حصو ناهن، جنگبندي دوران اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ حملا ڪيا ته ان جو جواب ڏنو ويندو.- Advertisement -
