پاڪستان آزاد فلسطيني رياست بابت پنهنجي موقف تي قائم آهي : ممتاز زهرا بلوچ

- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان آزاد فلسطيني رياست بابت پنهنجي موقف تي قائم آهي، اسرائيلي فوج طرفان فلسطيني شهرين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، غزا ۾ 6 هزار فلسطيني ٻارڙا شهيد ٿي چڪا آهن، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ھفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زھرا بلوچ چيو تھ پاڪستان غزا ۾ جنگبندي جي انتظار ۾ آھي، جنگبندي ٿئي تھ جيئن غزا ۾ انساني امداد جي پھچ ممڪن ٿي سگھي. سندس چوڻ ھو تھ پاڪستان آزاد فلسطيني رياست جي موقف تي قائم آھي، ھو سمجھن ٿا تھ امن رڳو ڳالھين سان ئي ممڪن آھي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو تھ غزا ۾ 6 ھزار کان وڌيڪ ٻارڙا شھيد ٿي ويا آھن ھلندڙ ھفتي ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏينھن ملھايو ويو غزا ٻارن لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڏکي جاءِ بڻجي چڪو آھي. ممتاز زھرا بلوچ چيو تھ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي مقرري ٻارن لاءِ ھڪ صدمو آھي، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
33%
1.4m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون