- Advertisement -
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پيرسن سياستدان بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين تي ناراض ٿي ويا آهن، پ پ تحريڪ انصاف وانگر گارين وارو رستو اختيار نه ڪندي، پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام ۾ آهي، ٻيون پارٽيون سهارا ڳولي رهيون آهن، پ پ کي ڪڏهن به ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي سگهي آهي، عام چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي، نمبر گيم پوري ڪرڻ لاءِ اتحادي پارٽين سان به رابطو ڪيو ويندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري روزاني جي بنياد تي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪيو، خيبرپختونخوا ۾ ڪامياب ورڪرز ڪنوينشنز ڪرايا ويا، پارٽي ورڪرن بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته پ پ چيئرمين ورڪرز خطاب ۾ پنهنجي ڪاميابين ۽ خامين جو به ذڪر ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري سياسي انتقام جي ڀرپور مخالفت ڪئي.
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پ پ اتحادي حڪومت ۾ عوام کي هر سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اتحادي حڪومت دوران ڪنهن کي سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو، سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پ پ ڪڏهن ڪنهن جي ڪردار ڪشي ناهي ڪئي.
هن چيو ته سياست ۾ ملڪ جون واڳون هاڻي نوجوانن جي هٿن ۾ اچڻ گهرجن، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي آئيني طريقي سان بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽايو ويو، شفاف چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن تي اعتماد آهي.
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيرسن سياستدان بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين تي ناراض ٿي ويا آهن، پ پ تحريڪ انصاف وانگر گارين وارو رستو اختيار نه ڪندي.
سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام ۾ آهي، ٻيون پارٽيون سهارا ڳولي رهيون آهن.
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پ پ کي ڪڏهن به ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي سگهي آهي، عام چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي، نمبر گيم پوري ڪرڻ لاءِ اتحادي پارٽين سان به رابطو ڪيو ويندو- Advertisement -
