- Advertisement -
ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن دوران 30 لک انعام رکيل ڌاڙيل سميت 3 ڏوهاري زخمي ٿي پيا جڏهن ته ايس ايس پي ڪشمور ٽن ڏوهارين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
ڪچي واري علائقي دراني مھر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ رينجرز خادم ڀيو ٽولي خلاف آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽن ڏوھارين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن.
اھي به اطلاع آھن ته زخمين ۾ 30 لک انعام رکيل ڌاڙيل خادم ڀيو، مير حسن جاگيراڻي ۽ ھڪ اڻڄاتل شامل آھن.
ٻڌايو وڃي ٿو ته زخمي ڌاڙيل خادم ڀيو جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي جنھن کي ساٿي کڻي ويا آھن.
رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور مير روحيل کوسو ٽن ڏوھارين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي………- Advertisement -
