پيرسن سياستدان بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين تي ناراض ٿي ويا آهن : فيصل ڪريم ڪنڊي

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پيرسن سياستدان بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين تي ناراض ٿي ويا آهن، پ پ تحريڪ انصاف وانگر گارين وارو رستو اختيار نه ڪندي، پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام ۾ آهي، ٻيون پارٽيون سهارا ڳولي رهيون آهن،  پ پ کي ڪڏهن به ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي سگهي آهي، عام چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي، نمبر گيم پوري ڪرڻ لاءِ اتحادي پارٽين سان به رابطو ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري روزاني جي بنياد تي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪيو، خيبرپختونخوا ۾ ڪامياب ورڪرز ڪنوينشنز ڪرايا ويا، پارٽي ورڪرن بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو. سندس چوڻ هو ته پ پ چيئرمين ورڪرز خطاب ۾ پنهنجي ڪاميابين ۽ خامين جو به ذڪر ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري سياسي انتقام جي ڀرپور مخالفت ڪئي. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پ پ اتحادي حڪومت ۾ عوام کي هر سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اتحادي حڪومت دوران ڪنهن کي سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو، سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پ پ ڪڏهن ڪنهن جي ڪردار ڪشي ناهي ڪئي. هن چيو ته سياست ۾ ملڪ جون واڳون هاڻي نوجوانن جي هٿن ۾ اچڻ گهرجن، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي آئيني طريقي سان بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽايو ويو، شفاف چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن تي اعتماد آهي. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيرسن سياستدان بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين تي ناراض ٿي ويا آهن، پ پ تحريڪ انصاف وانگر گارين وارو رستو اختيار نه ڪندي. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام ۾ آهي، ٻيون پارٽيون سهارا ڳولي رهيون آهن. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته  پ پ کي ڪڏهن به ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي سگهي آهي، عام چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي، نمبر گيم پوري ڪرڻ لاءِ اتحادي پارٽين سان به رابطو ڪيو ويندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
33%
1.4m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون