سياست لاءِ هو ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو، سنڌ جي ڪوئلي مان بجلي پيداوار هنن شروع ڪئي: نوازشريف

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف چيو آهي ته سياست لاءِ هو ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو، سنڌ جي ڪوئلي مان بجلي پيداوار هنن شروع ڪئي، هاڻي عوام جي خوشحاليءَ جو خواب کڻي اچي رهيا آهن. مري ۾ ورڪرز ڪنويشن جي  کي خطاب  ڪندي  ميان نوازشريف چيو ته اسلام آباد کان مري تائين خوبصورت روڊ ٺهيو آهن، هنن 11  هزار ميگا واٽ بجلي نظام ۾ شامل ڪئي، محنت ڪري لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو. هن چيو ته 50 ورهين کان ٻڌو هو ته سنڌ ۾ ڪوئلي جون کاڻوين آهن، هنن سنڌ ۾ ڪوئلي مان بجلي جي پيداوار جو ڪم شروع ڪيو، هو سياست لاءِ ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو. ميان نوازشريف چيو ته هنن ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، پاڪستان گريَ لسٽ ۾ هو، آءِ ايم ايف سان پروگرام ختم ڪيو، هنن ڪنهن به ملڪ کان پيسو نه گهريو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته قوم کي دوکو ڏيڻ سان الله ڪڏهن به معاف نه ڪندو، جيڪا ڳالهه ڪجي اها سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي. ن ليگ جي قائد چيو ته سندن دور ۾ ڀارت جا ٻه وزيراعظم آيا، آمريڪا کان 5 ارب ڊالر جي آڇ ٿڏي ڇڏي، هاڻي هو عوامي خوشحاليءَ جو خواب کڻي اچي رهيا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
29%
2.6m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون