دادو جي عدالت ميهڙ سانحي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
دادو جي عدالت ميهڙ سانحي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪرمنل ٽرائل ماڊل ڪورٽ جي جج حافظ عطا الله شيخ جي عدالت ۾ ميهڙ سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو  ۽ شاهد منظور چانڊيو سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي. الزام ھيٺ آيل اڳوڻو ايم پي اي سردار احمد چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيو جڏھن ته برھان چانڊيو پرڏيھه ۾ ھجڻ سبب پيش نه ٿيو. الزام ھيٺ آيل ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته گرفتار جوابدار علي گوھر چانڊيو، ذوالفقار، مرتضيٰ ۽ سڪندر چانڊيو کي پوليس جيل کان عدالت ۾ پيش ڪيو. ڪيس جي شاھد منظور چانڊيو کان الزام ھيٺ آيل ڌر جي وڪيل پاران آڏي پڇا ڪئي وئي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته هو ڪوبه راڄوڻي نبيرو نٿا ڪن اجائي واويلا ڪئي وئي آهي، سردارن پاران آيل موقف کي رد ڪن ٿا. هن چيو ته جيسيتائين هو زندهه آهي تيسيتائين جاگيردارڻي نظام خلاف جدوجهد جاري رهندي. ام رباب چانڊيو چيو ته سندس والد، ڏاڏي ۽ چاچي کي بيدردي سان قتل ڪيو اميد آهي ته عدالتون ضرور انصاف ڪنديون هو ڪورٽ کان ٻاهر فيصلو نه ڪري سگهن ٿا نه سوچي سگهن ٿا. ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار احمد چانڊيو چيو ته اڄ جيڪو شاهد شاهدي ڏئي پيو ان جي موبائل ٽريسنگ واقعي واري ڏينهن تي نصير آباد، گاجي کهاوڙ ۽ فريدآباد ۾ هئي. سندس چوڻ هو ته ام رباب جي تمندار ڪائونسل جا جيڪي چيئرمين آهن انهن پاڻ ٺاهه جون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪيس ۾ غلطي سان نالا ڏيڻ جو اعتراف ڪيو. سردار خان چانڊيو چيو ته هو پهرين ڏينهن کان ڪوڙا آهن اڄ به ڪوڙا آهن سندن ڊرامو آخري مرحلي ۾ آهي جيڪو هاڻي ختم ٿيڻ وارو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
43%
1.7m/s
1%
جمعو
18 °
ڇنڇر
26 °
آچر
26 °
سُومر
28 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون