- Advertisement -
امام ڪعبه الشيخ صالح بن عبدالله بن حميد چيو آهي ته مسلمان هڪ جسم وانگر آهن ۽ هڪ ٻئي کي مضبوط ڪندا آهن، مسلمانن جو درد سندن دل ۾ هئڻ گهرجي، سڀني کي آخرت جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، آخرت جي بهتري لاءِ پاڻ کي سٺو ڪيو وڃي.
فيصل مسجد اسلام آباد ۾ جمعي جي خطبي دوران امن جو پيغام ڏيندي الشيخ صالح بن عبدالله بن حميد چيو ته والدين جي فرمانبرداري وڏو مذهبي فرض آهي، مسلمان هڪ جسم جيان آهن.
سندس چوڻ هو ته پنهنجي مسلمان ڀائرن جي تڪليف بابت آگاهه رکڻ ۽ سندس تڪليف حل ڪرڻ سندن ذميواري آهي.
امام ڪعبه الشيخ صالح بن عبدالله بن حميد چيو ته مسلمانن جو درد سندن دل ۾ هئڻ گهرجي، سڀني کي آخرت جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، آخرت جي بهتري لاءِ پاڻ کي سٺو ڪيو وڃي- Advertisement -
