تازه ترين

شهر جي حالت بهتر ناهي ٿي، شهر جي صفائي ناهي؛ مقبول باقر

- Advertisement -
سنڌ جي نگران حڪومت ڪراچي شهر کي چئن ڏينهن اندر صاف ڪرڻ جو حڪم  ڏيندي چيو آهي ته شهر جي حالت بهتر ناهي ٿي، شهر جي صفائي ناهي، گٽر اٿلي رهيا آهن، شهر جي خوبصورتي ته پري جي ڳالهه پهريان مسئلا ته حل ڪيا وڃن، صفائي واري معاملي تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ سمورين سِوِڪ ايجنسين جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جي ميئر سميت مختلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو چوڻ هو ته سمورن ادارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن پر شهر جي حالت بهتر ناهي ٿي، شهر جي صفائي ناهي، گٽر اٿلي رهيا آهن، شهر جي خوبصورتي ته پري جي ڳالهه پهريان مسئلا ته حل ڪيا وڃن. نگران وڏي وزير سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي ڪم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چئن ڏينهن اندر شهر صاف ڪري رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته شهر ۾ صفائي جو ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي عوام جو پيسو ڏنو ويندو آهي، پر شهر ۾ هر طرف گندگي آهي. نگران وڏي وزير چيو ته ڪي ايم سي ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊ ايندڙ هفتي اجلاس ڪري پنهنجا اختيارن وارا معاملا حل ڪن. ڪراچي جي مئير چيو ته شهر ۾ 3 لک گٽر  آهن، هاڻي گٽرن جا ڍڪڻ فائبر جا بڻائڻ شروع ڪيا آهن، اهي چوري نه ٿيندا. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، ڪي اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي ته پمپنگ اسٽيشنن کي لوڊشيڊنگ کان آجو ڪيو وڃي، ڪي اليڪٽرڪ ۽ واٽر بورڊ گڏ ويهي مسئلا حل ڪن، هو ڪا به غفلت برداشت نه ڪندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
39 %
3.7kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون