- Advertisement -
نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ ملندڙ سهولتن جو عام شهري تصور به نه ٿو ڪري سگهي، نگران سرڪار طرفان ن ليگ کي ڪا به فيور نه پئي ڏني وڃي، حڪومت لاءِ نوازشريف ۽ بلاول ٻئي احترام جوڳا آهن.
برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي سرفراز بگٽي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سائفر ڪيس ۾ 28 نومبر تي پيشيءَ بابت عدالتي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويندو.
هن چيو ته سندس خيال ۾ نوازشريف تي جيڪي ڪيس ٺهيا، اهي گهڻا بي بنياد هئا ۽ تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو ته پٽ کان پگهار نه وٺڻ جي ڏوهه ۾ ڪو نااهل ٿيو هجي.
سرفراز بگٽي چيو ته نگران سرڪار طرفان ن ليگ کي ڪا به فيور نه پئي ڏني وڃي، حڪومت لاءِ نوازشريف ۽ بلاول ٻئي احترام جوڳا آهن، چونڊن لاءِ گهرو وزير اليڪشن ڪميشن کي هر قسم جي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.
نگران گهرو وزير چيو ته هيل تائين 3 لک غيرقانوني پرڏيهي واپس وڃي چڪا آهن، اهو عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿي ويندو، واپس ٿيندڙن ۾ 99 سيڪڙو کان وڌيڪ افغان پناهگير آهن.
سرفراز بگٽي چيو ته پاڪستان اندر افسوسناڪ واقعن ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو ڪردار رهي ٿو، گلگت بلتستان، جڙانوالا ۽ ٻين هنڌن تي سازش جا پيرا ٻئي هنڌ ملن ٿا.
نگران گهرو وزير چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي عدالت جو نگران وزيراعظم کي گهرائڻ مناسب عمل ناهي، پاڪستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو انگ خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهي، جن گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ڏني ويندي آهي انهن مان 78 سيڪڙو ڪيس حل ٿي چڪا آهن- Advertisement -
