تازه ترين

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شاپنگ سينٽر ۾ باهه جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان

- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شاپنگ سينٽر ۾ باهه جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو سندس چوڻ آهي ته شاپنگ سينٽر ۾ باهه جي جاچ ڪري حقيقت سامهون آندي ويندي،  پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جو مستقبل محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، سياسي پارٽين جو اتحاد رڳو عوامي مسئلن جي حل لاءِ ٿيڻ گهرجي. ملير جي شير پائو ڪالوني ۾ شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي نالي سان اسپورٽس ڪمپليڪس جو ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، ڊپٽي مئير سلمان عبدالله مراد ۽ ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو افتتاح ڪيو. افتتاح بعد ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ۽ ٻين سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلزپارٽي سدائين عوام جي خدمت ڪئي آهي ملير جي شير پائو ڪالوني ۾ شهيد غلام مرتضيٰ جي نالي سان اسپورٽس ڪامپليڪس مان عوام کي وڏو ريلف ملندو. سندس چوڻ هو ته باهه واقعي جي جاچ ان لاءِ ڪرائيندا ته جيئن باھه لڳڻ جا سبب معلوم ٿي سگهن، ميمڻ ڳوٺ ۾ گٽر ۾ نينگري جي فوت ٿيڻ تي افسوس آھي پر ڪراچي ۾ لکين گٽر ۽ ڍڪڻ آھن انھن جي چوڪيداري ميئر يا ڊپٽي ميئر ته نٿا ڪري سگھن. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته شاپنگ سينٽر ۾ باهه واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي. سندس چوڻ هو ته گٽرن جي ڍڪڻن جي چوري جي ذميواري پوليس  ۽ ايس ايس پي جي آھي، چونڊن کان اڳ اتحاد ٺهندا رهندا آهن، شاهي سيد ۽ بشير ميمڻ جي ماضي کان سڀ واقف آهن ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته هو ڪراچي ۾ روڊن جو ڄار وڇائي رهيا آهن، ڪاچي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت ترقي ۾ پيپلزپارٽي پنھنجو وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري ۽ ڪي به اختلاف ناهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جا پنجويهه ئي ٽائون سندن جا ٽائون آهن گڏاپ جي عوام کي پاڻي جون اسڪيمون ڏنيون آهن اڃا به گڏاپ سميت شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش جاري آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
33 %
3.4kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °

تازه ترين خبرون