- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظمَ جيل ويندا ۽ روز کين تبديل ڪيو ويندو ته ملڪ ڪيئن هلندو؟ پنجن ججن ڪروڙين عوام جي نمائندي کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو، کيس هٽائي ان کي آندو ويو، جنهن کي گاريون ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ٿو اچي، اهڙي شخص کي آڻيندڙ به ايترا ئي ذميوار آهن جيترو هو پاڻ آهي، وٽن هاڻي غلطي جي گنجائش ناهي، جيڪڏهن سبق نه سکيو ته سندن داستان نه هوندي داستانن ۾.
سيالڪوٽ ۾ صنعتڪارن کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته خوشحال ملڪ کي تباهه ڪيو ويو، پنجن ججن ڪروڙين عوام جي نمائندي کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو.
هن چيو ته کين ته اکيون بند ڪري ڪڍيو وڃي ٿو، پر نوازشريف ڪڍي آڻيو ڪنهن ٿا؟ اهڙو ماڻهو آندو ويو جنهن کي گاريون ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو اچي، جڏهن ڳالهائي ٿو گاريون ڏي ٿو.
نوازشريف چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين آيو نه پر کيس آندو ويو، کيس آڻيندڙ به اوترا ئي ذميوار آهن جيترو هو پاڻ آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جتي وزيراعظم تبديل ٿيندا هجن، ڪوڙن ڪيسن ۾ سزائون ٿين، اهڙي صورتحال ۾ ته گهر ئي نه هلندو ملڪ ڪٿان هلي سگهندو؟
نوازشريف چيو ته پاڪستان ايترو خوبصورت ۽ قميتي ملڪ جو جنهن کي هو جنت بڻائي پئي سگهيا، پر ڪهاڙو هلائڻ وقت ڪجهه به نه ڏٺو ويو.
ن ليگ جي قائد چيو ته ساڻن ظلم ٿيو آهي پر جيڪو ٿيو سو ٿيو، پر هو پاڪستان جي مفاد خلاف ڪو به ڪم نه ڪندا.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هنن پاڻ ملڪ کي پٽڙيءَ تان لاٿو، پر پٽڙي ئي پٽي ڇڏي، وٽن ڪو به موقعو ناهي، جيڪڏهن سبق نه سکيو ته صورتحال وڏو نقصان ٿيندو.
نوازشريف چيو ته 1999ع، 1997 ۽ 2017ع ۾ ملڪ خوشحال هو پر ڪهاڙو هلائڻ وقت بنا ڪنهن سبب کيس ڪڍيو ويو، ججن کي سازش جو حصو بڻجي ملڪ تي ڪهاڙو هلائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ سندن حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته اڄ ملڪ مضبوط هجي ها.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سيالڪوٽ ۾ ايتري ترقي ٿي سگهي ٿي جو سڄي ملڪ کي هي شهر سپورٽ ڪري سگهي ٿو….- Advertisement -
