تازه ترين

سنڌ ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ٿڌي ۾ واڌ

- Advertisement -
سنڌ ۾ سياري جي پهرين برسات پوڻ سبب ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي . سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان  برسات  پئي. صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، اولڊ سٽي ايريا، ڪلفٽن، ڊفينس، ڪياماڙي ۽ لياري  سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پئي. ملير، بن قاسم، بلديا، اورنگي ٽائون، سائيٽ ايريا، ناظم آباد ۽ لياقت آباد ۾ گجگوڙ سان گڏ وقفي وقفي سان پوندي رهي. حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ برسات پوڻ سبب ٿڌي ۾ غير معمولي اضافو ٿي ويو. ننگر پارڪر جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 110 ٻڪريون مري ويون. ٺٽي، سجاول، گهاري، جاتي، جهنڊو مري، هڱورجا، ساماري، خانواهڻ سميت ٻين شهرن ۾ وسڪاري سبب مواصلاتي نطام درهم برهم ٿي ويو. ٽنڊي آدم، چمبڙ،   گپچاڻي، ٽالهي، نيو سعيد آباد ۾ برسات پوڻ سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو. شهداد پور ۾ تيز برسات پوڻ سبب روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو ۽  بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو . سرهاڙي، مقصودو رند، اڏيرو لال ۽ ڄام نواز علي ۾ وقفي وقفي سان ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي. ڪيٽي بندر، ڳاڙهو سميت سامونڊي پٽي وارن علائقن  ۾ برسات پئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
36 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون