سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 34 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ٿي ويا ۽ 34 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي ٻن مسافر ڪوچن وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽي مسافر فوت ٿي ويا ۽ 33 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪرم آباد ڀرسان روڊ حادثي ۾  نينگر محمد عمر، محمد فيضان ۽ عورت  مسمات راڻي فوت ٿي ويا. حادثي دوران زخمين ٿيل ۾ غلام سڪينه، تنوير بيبي، شهناز، شازيا، محمد نعيم، محمد وسيم، عادل ڀٽي، ﷲ بچايو، يوسف مهرين، عدنان، بانو بيگم، حديثا خاتون، محمد عرفان، نديم راجپوت۽  محمد فهيم شامل آهن. اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ٺري ميرواهه ويجهو ريگستان واري علائقي ۾ ڄاڃين جي وين ۽ ڪار وچ ۾  ٽڪر  ٿيڻ جي  نوجوان محمد مراد شر فوت ٿي ويو ۽ عبدالله شر زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. قمبر ۾ ڪورٽ ڀرسان ٽريڪٽر جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان وزير کوسو فوت ٿي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
47%
2.1m/s
3%
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °
خميس
25 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون