تازه ترين

اوٻاوڙو: عورت پاران مبينا طور آپگهات، وارثن پاران مڙس تي قتل جو الزام

- Advertisement -
اوٻاوڙي ويجهو عورت جو گهر اندر پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، وارثن پاران مڙس تي ناري کي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي. ڳوٺ سمه آباد ۾ عورت جو گهر ۾ پکي ۾ ٽنگيل لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو. مڙس جو چوڻ آهي ته سندس زال ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي. ناري جي والد جو چوڻ آهي ته سندس نياڻي کي مڙس قتل ڪري لاش پکي ۾ ٽنگي آپگهات جو ڊرامو رچايو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ناري جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿيندو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
44 %
5.1kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون