- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي راشد منهاس روڊ تي شاپنگ سينٽر کي خوفناڪ باهه جو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو.
پوليس موجب، ڪيس سب انسپيڪٽر صدر الدين ميراڻي جي فرياد تي شاهراهه فيصل ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو جنهن ۾ مجرماڻي غلفت ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
داخل ڪيل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمارت ۾ حفاظتي اوزار ۽ هنگامي حالتن ۾ ٻاهر نڪرڻ جو رستو نه هئڻ سبب نقصان ٿيو، شڪ آهي ته باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي آهي.
ڪيس ۾ ڪي اليڪٽرڪ، نقشو پاس ڪندڙ آفيسرن، اين او سي جاري ڪندڙ اداري کي غفلت جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.
ڇنڇر ڏينهن ڪراچي جي علائقي راشد منهاس روڊ تي شاپنگ سينٽر کي خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 11 ڄڻا سڙي فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا جڏهن ته ڪيترائي دڪان به سڙي رک ٿي ويا هئا- Advertisement -
