تازه ترين

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اڄ ٽن ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿيندو

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ٽن ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿي رهيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد سان ملاقات ڪندو، ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اڄ ٽن ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم ٽن ڏينهن جي دور دوران گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد سان ملاقات ڪندو جنهن دوران سياسي، معاشي، واپاري ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون وينديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران ثقافت ۽ بچاءَ جي شعبي ۾ سهڪار توڙي عوامي رابطا وڌائڻ بابت به ڳالهيون ڪيون وينديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم دوري دوران گڏيل عرب امارات سان ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
34.6 ° C
34.6 °
34.6 °
18 %
1.4kmh
2 %
سُومر
34 °
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون