- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شاپنگ سينٽر ۾ باهه جو ذميوار ڪنٽونمينٽ بورڊ کي قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته باهه سبب متاثر شاپنگ سينٽر جو نقشو ڪنٽونمينٽ بورڊ پاس ڪيو آهي، پوليس طرفان ٻين ادارن تي ڪيس داخل ڪرڻ تي حيرت آهي، ڪراچي جي ستن ئي ضلعن ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن، شهرين کي تفريح جون ڀرپور سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ڪيترائي ترقياتي ڪم سست رفتاري جو شڪار آهن.
سفاري پارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪوشش ڪندا ته ماڻهن کي تفريح لاءِ دبئي وڃڻ جي ضرورت نه پئي، ڪراچيءَ جي ٻارن کي هارس رائيڊنگ جي سهولت به ڏيندا.
سندس چوڻ هو ته هو ڪراچيءَ ۾ ايڊوينچر پارڪ کي به بحال ڪندا، تنقيد ڪندڙ ڪندا رهندا هو ڪم تي يقين رکندا آهن، ڪراچي جي ستن ئي ضلعن ۾ هڪ جهڙا ترقياتي ڪم جاري آهن.
ڪراچيءَ ۾ ڌڪڻ چوري ٿيڻ بابت سوالن جا جواب ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته لڳي چرسين جي ڊپٽي ميئر سان ڪا دشمني ٿي وئي آهي، گٽر جي ڍڪڻ ۾ ساڍا ٽي ڪلو لوهه هوندو آهي جيڪو وڪرو ٿيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته گٽرن جا ڍڪڻ چوري ٿين ٿا ته پوليس کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي، جيترا ڍڪڻ گهريا ويندا هو ڏيندو، ڍڪڻ لڳائڻ مسئلو ناهي سنڀالڻ مسئلو آهي.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته باهه سبب متاثر شاپنگ سينٽر جو نقشو ڪنٽونمينٽ بورڊ پاس ڪيو آهي، پوليس طرفان ٻين ادارن تي ڪيس داخل ڪرڻ تي حيرت آهي- Advertisement -
