- Advertisement -
حماس عارضي جنگبندي جي ٽئين ڏهاڙي 13 اسرائيلين سميت 17 يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو.
عالمي جنگ بندي جي ٽئين ڏهاڙي حماس معاهدي تحت حماس وڌيڪ 13 اسرائيلي يرغمالين کي ريڊ ڪراس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
آزاد ٿيلن ۾ 9 ٻار، 4 عورتون ۽ هڪ روسي اسرائيلي شامل آهي، جڏهن ته حماس ٽن ٿائي شهرين کي به آزاد ڪري ڇيڏو آهي.
اسرائيل به وڌيڪ 39 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو.
آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته جنگ ۾ وقفو جاري رهڻ جي اميد آهي.
حماس طرفان جنگبندي ۾ 2 کان 4 ڏينهن تائين واڌ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.
جنگبندي ۾ اضافي سان وڌيڪ 20 کان 40 اسرائيلي قيدين جي آزادي ٿي سگهندي، امدادي سامان کڻي 120 ٽرڪون غزا ۾ داخل ٿي ويون.
گڏيل قومن چيو آهي ته غزا جي 80 سيڪڙو آبادي بي گهر بڻجي وئي آهي، بي گهر ماڻهن جو انگ 17 لک کان به وڌيڪ آهي، 10 لک فلسطيني 156 پناهگير مرڪزن ۾ آهن، اسرائيل پناهگير مرڪزن تي به بمباري ڪري چڪو آهي .- Advertisement -
