- Advertisement -
اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو چيو آهي ته آمريڪي صدر کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته عارضي جنگبندي ختم ٿيڻ بعد اسرائيل پوري طاقت سان غزا ۾ مهم ٻيهر شروع ڪندو.
پنهنجي بيان ۾ نيتن ياهو جو چوڻ هو ته جنگبندي ۾ واڌ جي آجيان ڪندا.
غير ملڪي خابرو اداري موجب قطري ٽياڪڙي معاهدي تحت هر روز 10 اضافي يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي حماس جنگبندي ۾ 2 کان 4 ڏينهن واڌ تي راضي ٿي ويو آهي.
جنگبندي ۾ واڌ جي صورت ۾ وڌيڪ 20 کان 40 اسرائيلي قيدي آزاد ٿي سگهندا.- Advertisement -
