تازه ترين

سعودي عرب جي گاديءَ واري هنڌ رياض ۾ پاڪستاني ثقافتي هفتو شروع

- Advertisement -
سعودي عرب ۾ پاڪستاني ثقافتي هفتو شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف سرگرمين مان ڀرپور مزو ماڻي رهيا آهن. سعودي جي راڄڌاني رياض ۾ رياض سيزن ۾ سعودي انٽرٽينمينٽ اٿارٽي طرفان پاڪستاني ثقافتي هفتو شروع ٿي ويو. سويدي پارڪ ۾ جاري پاڪستاني ثقافتي هفتي ۾ پاڪستان جا رنگ وکريل آهن جتي پاڪستاني ٽرڪ آرٽ کي پاڪستاني توڙي ٻين ملڪن جا ماڻهو خوب پسند ڪري رھيا آھن. پاڪستاني فنڪار عابده حسين، نبيل شوڪت، رضا ذڪريا ۽ سليم رفيق جي سريلي آواز تي نوجوانن پاران جھمريون هنيون ويون جڏهن ته اسٽيج تي پاڪستاني ثقافت کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ويو. سعودي جنرل نوشين وسيم، انٽرٽينمينٽ اٿارٽي جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته پاڪستان ثقافتي هفتو گذريل سال جيان هن سال به ڪوٺايو ويو آهي، جنهن ۾ روزانو هزارين پاڪستاني شرڪت ڪري پنهنجي علاقائي ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪندا اهڙي ريت سڄي هفتي دوران ثقافتي سرگرميون هر روز جاري رکيون وينديون. پاڪستانين به پاڪستاني ثقافتي هفتو ڪوٺائڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي چيو ته سعودي عرب سندن ٻيو گهر آهي ۽ کين خوشي آهي ته سعودي قيادت پاڪستاني ثقافت کي اجاگر ڪري رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
39 %
5.9kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون