تازه ترين

اقتدار لاءِ ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: عاجز ڌامراهه

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو آهي ته اقتدار لاءِ ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪابه پارٽي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ 18هين ترميم تي ٺاهه نٿي ڪري سگهي، هوش کان ڪم وٺو، اقتدار اچڻو وڃڻو آهي، جيڪڏهن ووٽ کي عزت ملي ته نواز شريف وزيراعظم نٿو ٿي سگهي، اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ لسانيت کي هوا نه ڏني وڃي، اين ايف سي جا پيسا رڳو سنڌ ۾ نٿا اچن، پ پ اين ايف سي جي پيسن مان صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪيو. ڪراچيءَ ۾ پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو ته ڪوئيٽا ۾ پارٽي سالگرهه ڀرپور نموني سان ملھائي ويندي جيڪي ملڪ اچڻ لاءِ گرائونڊ گھرن پيا اھي اچي ويا ۽ جلد نعرو لڳندو ته کيس ڇو گھرايو ويو واپس اچڻ وارا جيڪي پھرين چوندا ھئا ته ووٽ کي عزت ڏيو اھو ئي چوندو ته مونکي ڇو گھرايو ويو. سندس چوڻ هو ته پھرين سندن ووٽ تي ڌاڙو لڳندو ھو ھاڻي ٿر جي ڪوئلي تي ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بينظير ڀٽو ئي ٿر جي ڪوئلي مان بجلي جي منصوبي تي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ھاڻي ٻيا اچي پنھنجا نالا پيا استعمال ڪن. پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو ته جيڪي ماڻھو ٿر جي ڪوئي مان بجلي منصوبي بابت ڪوڙ ڳالھائن پيا اھي مينار پاڪستان کي جوڙڻ جي به دعويٰ ڪن ٿا اھي ئي ماڻھو ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. هن چيو ته جيڪڏھن ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي حرڪت ڪئي وئي ته معاملو چئني صوبن جو ٿيندو ۽ ڪوبه برداشت نه ڪندو ڪنڪريٽ لسٽ جو خاتمو پاڪستان جي عوام جو فيصلو ھو ان تي عمل ڪيو وڃي. پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو ته اين ايف سي ايوارڊ مان سنڌ جي ترقي پئي ٿئي اسپتالون اپگريڊ پيون ٿين ھي مسئلو صوبن ۾ رھندڙ ماڻھن جو آھي چونڊن ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ قسمت آھي پر ان قسم جي حرڪت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ملڪ ۾ وڏي تحريڪ شروع ٿيندي. سندس چوڻ هو ته اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ لسانيت جي سياست کي ھوا نه ڏني وڃي، ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي پنڊي ۾ ڏني وڃي پئي پر اڃا تائين رائلٽي به ناھي ملي. پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو ته پيپلز پارٽي تي تبصرا نه ٿين ته مخالفن جا دڪان ئي بند ٿي ويندا، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري  وچم ڪابه رنجش ناھي فيملي تصويرون خوشگوار موڊ ۾ نڪتل آھن، پ پ ھميشه خطرن سان کيڏندي پئي اچي ۽ ڪوئيٽا ۾ ٿريڊ باوجود جلسو ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
39 %
5.9kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون