- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل 10 ماڻهن جي گمشدگي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي 2014 کان گم ٿيل 10 ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ٻڌايو پيو وڃي ته گم ٿيل شهري عثمان لانڍي جيل ۾ آهي، جيل انتظاميا کي خط لکيو ته جواب مليو ته شهري لانڍي جيل ۾ ناهي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته جيل سپرينٽينڊنٽ جو بيان رڪارڊ ڪيو وڃي جيڪڏهن ڪارروائي بڻجي ٿي ته جيل سپرينٽينڊنٽ خلاف به انڪوائري ڪئي وڃي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو گم ٿيل ماڻھن جي ڪيسن ۾ جيڪو به ملوث آھي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪڏهن ڪو شهري پاڻ گم ٿي وڃي ته ان کي ڳولڻ رياست جي ذميواري آهي.
عدالت گم ٿيل شهري علي حسن جي ڳولا لاءِ جي آءِ ٽي اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
پوليس گم ٿيل شهري صدام جي گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي.
عدالت صدام جي بازيابي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي………- Advertisement -
