تازه ترين

آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۾ ڪي به اختلاف ناهن: خورشيد شاهه

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن لاءِ چئلينج آهي، اسٽيبلشمينٽ سڀني جي آهي، ادارا ملڪ جا هوندا آهن، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۾ ڪي به اختلاف ناهن، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جو اميدوار آهي، آصف علي زرداري جيڪو ڪجهه چيو ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. سکر جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف ووٽ کي عزت جو نعرو کڻي نڪتو هو، ڇا نواز شريف ووٽ کي عزت ڏئي رهيو آهي؟، سندس ماڻهو رهيا آهن اسٽيبلشمينٽ ساڻن گڏ آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين به چوندو هو اسٽيبلشمينٽ ساڻن گڏ آهي، اسٽيبلشمينٽ سڀني جي آهي، ادارا ملڪ جا هوندا آهن، پ پ نظرياتي سياست ڪندي آهي، قيادت جيڪي واعدا ڪيا پورا ڪيا، ڪا ٻي پارٽي ٻڌايو جنهن پنهنجي منشور تي عمل ڪيو. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته هو ڪوئيٽا ڪنهن کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ نه پر پارٽي جي سالگرهه ملهائڻ لاءِ وڃي رهيا آهن، ايم ڪيو ايم اقتدار لاءِ آئي هئي هاڻي ووٽن لاءِ وڃي رهي آهي، ڪراچي پيپلز پارٽي جي آهي، ڪراچي کي  شهيد ڀٽو جي دور ۾ اسٽيل ملز ۽ نيشنل هاءِ وي سان ترقي ڏني وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
34 ° C
34 °
34 °
20 %
3.7kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون