بنون ۾ آپگهاتي حملو، 2 شهري شهيد، ٽن سڪيورٽي اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
بنون ۾ آپگهاتي ڌماڪي سبب 2 شهري شهيد ۽ ٽن سڪيورٽي اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته بنون جي علائقي بڪا خيل ۾ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ترجمان چيو ته آپگهاتي بمبار موٽرسائيڪل تي سوار ٿي سڪيورٽي فورسز جي قافلي سان ٽڪرايو، ڌماڪي سبب 2 بيگناهه شهري شهيد ۽ 10 زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب زخمين ۾ ست شهري ۽ 3 سڪيورٽي اهلڪار شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر شهرين ۽ جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
38%
2.1m/s
0%
اڱارو
20 °
اربع
25 °
خميس
24 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون