غزا ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ عارضي جنگبندي ٻن ڏينهن لاءِ وڌائي وئي، جنگبندي ۾ واڌ دوران 60 فلسطيني ۽ 13 اسرائيلي قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.
اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ چئن ڏينهن واري جنگبندي جو وقت مڪمل ٿيڻ کان اڳ قطر ۽ مصر طرفان جنگبندي ۾ واڌ جون ڪوششون ڪيون ويون.
حماس طرفان سڀ کان پهريان جنگبنديءَ ۾ واڌ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو، جنهن بعد اسرائيل به جنگبنديءَ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق ڪيو.
جنگبندي ۾ واڌ دوران 60 فلسطيني ۽ 13 اسرائيلي قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.
حماس ترجمان جو چوڻ آهي ته جنگبنديءَ تي اتفاق تي ويو آهي، شرط ساڳيا ئي رهندا.
جنگبندي دوران وڌيڪ قيدين کي آزاد ڪرڻ لاءِ لسٽ تيار ڪئي پئي وڃي.
قطري پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ڪوشش آهي ته عارضي جنگبندي مستقل جنگبندي ۾ تبديل ٿي وڃي.
وائٽ هائوس طرفان جنگبنديءَ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ جي آجيان ڪئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ جان ڪربي چيو ته هو سمورن يرغمالين جي آزادي چاهن ٿا، جنگبندي ۾ واڌ سان يرغمالين جي آزادي ۽ امداد ڪاررواين ۾ مدد ملي رهيا آهن.
هن چيو تهامداد لاءِ جنگبند جي هر ڏينهن ۽ هر ڪلاڪ مان فائدو ورتو ويندو.