- Advertisement -
بنون ۾ آپگهاتي ڌماڪي سبب 2 شهري شهيد ۽ ٽن سڪيورٽي اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته بنون جي علائقي بڪا خيل ۾ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
ترجمان چيو ته آپگهاتي بمبار موٽرسائيڪل تي سوار ٿي سڪيورٽي فورسز جي قافلي سان ٽڪرايو، ڌماڪي سبب 2 بيگناهه شهري شهيد ۽ 10 زخمي ٿي پيا.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب زخمين ۾ ست شهري ۽ 3 سڪيورٽي اهلڪار شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر شهرين ۽ جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.- Advertisement -
