تازه ترين

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي لاءِ ڪويت پهچي ويو

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي لاءِ ڪويت پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪويت پهچڻ تي ڪويت جي بجلي، پاڻي ۽ قابل تجديد توانائي واري وزير ڊاڪٽر جاسم محمد عبدالله الاستاد نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جو ڪويت ۾ سفير ملڪ محمد فاروق ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سفارتي عملدار پڻ موجود هئا. دوري دوران نگران وزيراعظم ڪويت جي ولي عهد شهزاده شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ احمد النواف الاحمد الصباح سان ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم جي ڪويت جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، جنهن ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
43 %
3.1kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون